تازہ ترین

دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان متحد آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جعفر ايڪسپريس سانحي بابت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 11مارچ هڪ وڳي جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪيو ويو، جنهن هنڌ تي حملو ڪيو ويو، اهو جابلو  علائقو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن عورتن ۽ ٻارڙن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو هو، جعفر ايڪسپريس کي آءِ ڊيز ذريعي متاثر ڪيو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي ميڊيا اي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاهيل ڪوڙيون وڊيوز هلايون، ٽرين واقعي کان اڳ دهشتگردن ايف سي چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.

ڪجهه مسافرن کي ٽرين ۾ رکيو ويو، باقي مسافرن کي ٻاهر يرغمال بڻايو ويو، دهشتگرد افغانستان ۾موجود پنهنجن سهولتڪارن سان رابطي ۾ هئا.

ليفٽينينٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ريلوي ٽريڪ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏايو ويو، اهو واضح هو ته دهشتگردن سان گڏ آپگھاتي بمبار به موجود هئا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب دهشتگرد گروپن ۾ ورهايل ۽ جبلن تي لِڪي ويٺل هئا. ايف سي جا ترت اهلڪار پهتا ۽ مغوين کي بازياب ڪرايو.

آپريشن دوران ڪنهن به يرغمال بڻايل کي ڪنهن به قسم جوڪو نقصان نه پهچڻ ڏنو ويو، فورسز انتهائي خيال ۽ ڌيان سان آپريشن ڪيو.

ڀارتي ميڊيا ان سموري واقعي دوران دهشتگردن پاران موڪليل وڊيوز وسيلي پنهنجي ڪڌي پروپئگنڊه جاري رکي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com