ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ڊيراسرڪي ٿاڻي جي حد ۾ مسافرن کان ڦرلٽ، مزاحمت تي فائرنگ ۾ وين ڊرائيور قتل.
هٿياربندن صيفل اسٽاپ وٽ انڊس ھاءِ وي بلاڪ ڪري ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين کي روڪي ڦرلٽ ڪئي.
ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ محمد يعقوب ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
قتل جي واقعي خلاف وارثن ۽ ٽرانسپورٽرن جو ڌرڻو، روڊ بلاڪ، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو.