اوٻاورو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو ڀرسان پ پ ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر جي قافلي مٿان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل گارڊ جي جنازي جناز ادا.
گارڊ جي جنازي نماز ۾ ڄام مهتاب ڏهر، سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي.
جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس اٽالن جي کينجهو واري علائقي ۾ ڪارروائي، پوليس گهرن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڪا گرفتاري نه ٿي.
ڊي ايس پي اوٻاوڙو جو چوڻ آهي ته ڄام مھتاب ڏهر تي حملي ۾ ملوث هٿياربندن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي آي، جوابدارن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙي پٽ ڪيو آهي.