لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب جي صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته علي امين گنڊاپور ڪهڙي بنياد تي افغانين کي شهريت ڏيڻ جي ڳالهه پيو ڪري؟
دهشتگردن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون، خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي.
پرڏيهه ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جا ماڻهو ملڪ خلاف سازشون ڪري رهيا آهن.
پنجاب جي صوبائي وزير عظميٰ بخاري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته دهشتگردي جي نئين لهر پوري ملڪ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
ملڪ ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين استعمال ٿئي پئي، دهشتگردي جي واقعن کي سياسي رنگ ڏيڻ سٺو عمل نه آهي.