ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل محمد شمريز جي صدارت هيٺ اجلاس، اجلا دوران ڪراچي شهر جي امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.
ڏوهاري عنصرن خلاف رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل آپريشن کي تيز ڪرڻ ۽ شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چيڪنگ جو عمل وڌيڪ سخت ڪرڻ جون هدايتون جاري.
اجلاس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران امن امان کي يقيني بڻائڻ، ڪنهن به قسم جي نفرت، جبري فطرو ۽ زڪوات وٺڻ ۽ انتهاپسندي ڦهلائيندڙ عنصرن تي نظر رکڻ لاءِ حڪمت عملي جو ٻيهر جائزو ورتو.