اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اِن ڪئمرا اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، عسڪري قيادت موجوده سڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪندي.
اجلاس ۾ پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن جا پارلياماني ليڊر ۽ ان جا نامزد نمائندا شرڪت ڪندا.
لاڳاپيل ڪابينا ميمبرن به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا، پي ٽي آءِ جو اجلاس ۾ شرڪت جو فيصلو، 14 نالن تي ٻڌل فهرست قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق حوالي.