شڪارپور (ويب ڊيسڪ) دنيا جي ڊگھن ماڻهن ۾ ڳڻجندر سنڌ جي نصير سومرو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي.
مرحوم جي جنازي نماز ۾ مٽن مائٽن، سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
نصير سومري جو مڙهه شڪارپور جي عطا محمد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، نصير سومرو ڦڦڙن جي عارضي سبب گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو.