فيض گنج (ويب ڊيسڪ) فيض گنج ۽ ٺري ميرواهه ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ قومپرست ڪارڪنن تي ڪيس داخل.
اسٽوڊنٽس رائٽس ڪائونسل ٺري ميرواهه طرفان ريلي ڪڍڻ تي داخل ڪيس ۾ 17 سڃاتل ۽ 40 اڻ ڃاتل ماڻهن کي جوابدار ڄاڻايو ويو.
فيض گنج ۾ 9 سڃاتل ۽ 11 اڻ ڃاتل ڪارڪن ايف آءِ آر ۾ جوابدار نامزد، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون ڪيون وينديون.