اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچندو.
صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي وڏي وزير ۽ گورنر سان ملاقات ڪندو.
صدر آصف علي زرداريءَ کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني ويندي.
آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.