سکر (ويب ڊيسڪ) صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا ٻيهر شامل ڪرڻ لاءِ ٽرائل ڪورٽ سان رابطي جو حڪم.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا جا نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
عدالت نالا ڪالم نمبر 2 مان خارج ڪرڻ خلاف درخواست ٽرائل ڪورٽ کي اماڻي ڇڏي.
عدالت درخواست گذار کي حڪم ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ کي درخواست ڏيو جيڪڏهن ٽرائل ڪورٽ سمجهي ته ميرٽ جي بنياد تي خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد جا نالا شامل ڪري، عدالت حڪم ڏيندي درخواست اڪلائي ڇڏي.