اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان طرفان غزا ۾ اسرائيلي حملا جنگبندي معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي قرار.
پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته رمضان ۾ اسرائيلي اڳرائي جنگبندي معاهدي جي کليل ڀڃڪڙي آهي.
اسرائيلي عمل سان سموري خطي کي هڪ ڀيرو ٻيهر عدم استحڪام جو خطرو آهي، عالمي برادري غزا ۾ تشدد جي فوري خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري.