سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي چيني قونصل جنرل سان ملاقات ۾ سي پيڪ ۾ جاري منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سان چين جي قونصل جنرل جي ملاقات، سي پيڪ جي جاري منصوبن ۽ نون پروجيڪٽس بابت خيالن جي ڏي وٺ.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري جي چيني هم منصب سان ملاقات کانپوءِ ترقي جون نيون راهون کلي ويون آهن.
ڪراچي ۾ مختلف پاڻيءَ جا منصوبا چين جي سهڪار سان شروع ڪيا پيا وڃن، سولر منصوبا به چين جي سهڪار سان وڌايا ويندا.
سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته چيني قونصل جنرل يانگ يونڊونگ چيو ته چين جا سيڙپڪار سنڌ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن.