کنڊ جي اگهن ۾ هر ڀيري واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ نه آهي: اسحاق ڊار
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) کنڊ جي اگهن جو جائزو وٺڻ لاءِ راڻا تنوير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته کنڊ جي اگهن ۾ هر ڀيري واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ نه آهي ۽ نه ٿيندي.
اسحاق ڊار چيو ته هڪ مهيني تائين کنڊ جي ايڪس مل قيمت 159 رپيا رهندي، کنڊ جو رٽيل اگهه 164 رپيا في ڪلو هوندو.
ملز مالڪ ڪريشنگ سيزن وقت سر شروع ڪندا، وقت تي ڪريشنگ شروع نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ايندڙ سال ڪريشنگ سيزن پهرين نومبر کان شروع ٿيندي.