وزيراعظم شهباز شريف ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دنيا ڪجهه ورهين کان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏئي رهي آهي.
پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، وڻڪاري مهم سان بيمارين ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽتائي ايندي.
وڻڪاري مهم ۾ نوجوان ۽ هاري وڌ کان وڌ حصو وجهن، وزيراعظم شهباز شريف تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ 4 ڪروڙ 17 لک ٻوٽا پوکيا ويندا.
وزيراعظم شهباز شريف ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي.