وفاقي حڪومت عيد الفطر جي موقعي تي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عيد الفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وفاقي حڪومت طرفان عيدالفطر تي ٽِن موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪي سومر 31 مارڇ کان اربع 2 اپريل تائين هونديون.
ڪابينا ڊويزن سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي، پر اڃا تائين صوبائي حڪومت پاران هن وقت تائين عيد جي موڪلن جو اعلان ناهي ڪيو ويو.