پنجاب حڪومت چولستان ۽ چوبهار ڪئنال لاءِ بجيٽ ۾ فنڊز رکي ڇڏيا
لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب حڪومت چولستان ۽ چوبهار ڪئنال لاءِ بجيٽ ۾ فنڊز رکي ڇڏيا.
دستاويزن موجب چولستان ڪينال لاءِ 218 ارب ۽ چوبهار ڪئنال لاءِ 20 ارب رپيا رکيا ويا.
هلندڙ مالي سال دوران چولستان ڪينال تي 6 ارب ۽ ايندڙ مالي سال 26- 2027 دوران 10 ارب رپيا خرچ ٿيندا.
چوبهار ڪينال تي هلندڙ سال 55 ڪروڙ ۽ ايندڙ سال 2 ارب رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي ويندي.