ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ حضرت امام علي عليه السلام جي شهادت جو ڏهاڙو اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.
مجلسون منعقد ۽ جلوس برآمد، عالم سڳورا حضرت امام علي عليه السلام جي زندگي ۽ شهادت تي روشني وجهي رهيا آهن.
مُک ماتمي جلوس ڪراچي جي نشتر روڊ کان برآمد ٿي روايتي گذرگاهن کان ٿيندو امام بارگاهه حسينيه ايرانيا تي نهر ٿيندو.
انتظاميا طرفان سيڪيورٽي جا انتظام سخت، ٽريفڪ جي رواني بحال رکڻ لاءِ متبادل ٽريفڪ پلان جاري.