نائجر (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ نائجر ۾ مسجد تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 44 ڄڻا مارجي ويا.مسجد تي حملي کان پوءِ دهشتگردن بازار ۽ گهرن کي به باهه ڏئي ڇڏي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب نائجر جي ٻهراڙي واري علاقي ڪوڪورو ۾ مسجد تي دهشتگردن حملو ڪيو.
نائجر حڪومت طرفان واقعي تي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.