عيد الفطر جي موقعي تي سنڌ سرڪار پاران موڪلن جو اعلان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ 31مارچ کان 2 اپريل تائين موڪلن جو اعلان ڪيو ويو.
سنڌ سرڪار عيد الفطر جي موقعي تي ٽن ڏينهن جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
موڪلن دوران سموريون سرڪاري ۽ نيم سرڪاري آفيسون بند رهنديون.