ڪئنيڊا جي نئين چونڊيل وزيراعظم مارڪ ڪارني پاران ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اوٽاوا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڪئنيڊا جي نئين چونڊيل وزيراعظم مارڪ ڪارني پاران ملڪ ۾ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جو اعلان.
مارڪ ڪارني جو چوڻ آهي ته هن گورنر جنرل کي درخواست ڪئي آهي ته پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ 28 اپريل تي چونڊن جو اعلان ڪيو.
ڪئنيڊا جي چونڊن ۾ لبرل پارٽي ۽ ڪنزرويٽو پارٽي وچ ۾ 343 سيٽن تي مقابلو ٿيندو.