اسرائيل فوج جي غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 46 ڄڻا شهيد
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيل فوج جي غزا تي بمباري جاري، وڌيڪ 46 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
اسرائيلي فوج غزا جي ناصر اسپتال تي حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا شهيد ٿي ويا.
اسرائيل جي تازي حملي ۾ حماس جي پوليٽيڪل بيورو جو ميمبر اسماعيل به شهيد ٿي ويو.
غزا ۾ شهيدن جو گڏيل انگ 50 هزار 21 ٿي ويو، هڪ لک 13 هزار 274 زخمي ٿي چڪا، جنگ بندي معاهدي بعد غزا تي اسرائيلي حملا جاري آهن.