وڏي وزير مراد علي شاهه 30 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالر شپ جو باضابطا افتتاح ڪيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار طرفان 30 يونيورسٽين جي 30 هزار شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو اعلان، سنڌ حڪومت، گوگل ۽ ٽيچ وادي وچ ۾ معاهدو.
وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس دوران وڏي وزير مراد علي شاهه 30 هزار گوگل ڪيريئر سرٽيفڪيٽ اسڪالر شپ جو باضابطا افتتاح ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت ڊجيٽل ايجوڪيشن ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ۾ انقلابي قدم کڻي رهي آهي.