آءِ ايم ايف پاران پاڪستان کي بجلي جي قيمتن ۾ رپيو في يونٽ گهٽتائي جي اجازت
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) آءِ ايم ايف پاڪستان کي بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو في يونٽ گهٽتائي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
آءِ ايم ايف جو چوڻ آهي ته سمورن واهپيدارن کي بجلي جي قيمتن ۾ هڪ رپيو في يونٽ رليف ملندو.
هي رليف ڪيپٽو پاور پلانٽس تي ليوي مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان ڏنو ويندو، آءِ ايم ايف جي منظوري سان بجلي جي قيمتن ۾ رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو.