پاڪستان آمريڪي ايوان ۾پيش ڪيل بل بابت آگاهه آهي، جيڪو هڪ فرد طرفان کينل قدم آهي: شفقت علي خان
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي ڪانگريس ۾ پاڪستان مخالف بل ٻه طرفن لاڳاپن جي عڪاسي نٿو ڪري.
آمريڪا ۾ پاڪستان خلاف پيش ڪيل بل تي رد عمل جو اظهار ڪندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته اسان آمريڪي ايوان ۾پيش ڪيل بل کان آگاهه آهيون.
هن چيو ته هي هڪ فرد طرفان کينل قدم آهي، اها آمريڪي حڪومت جي راءِ نه آهي، بل منظوريءَ کان اڳ ڪيترين ئي ڪميٽين ڏانهن ويندو.
شفقت علي خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اميد ڪريون ٿا ته آمريڪي ايوان ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتريءَ جي لاءِ قدم کنيا ويندا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان گڏيل قومن جي ڪجھه ماهرن جي بيان کي هڪ طرفو ۽ بنا تصديق ميڊيا رپورٽن تي ٻڌل قرار ڏنو.
سندس چوڻ هو ته اسان گڏيل قومن جي عملدارن جي پريس رليز جو نوٽيس ورتو آهي، ان پريس رليز ۾ ڄاڻ جي گھٽتائي واضح آهي.
شفقت علي خان چيو ته يو اين کي پنهنجي متضاد بيانن کي روڪڻ گھرجي، عوامي بيانن ۾ معروضيت، حقيقتن جي درستگي ۽ مڪمل حقيقتن کي نظر ۾رکڻ ضروري آهي.