ايران ٽرمپ جي جوهري معاهدي جي خط بابت پنهنجو جواب ڏئي ڇڏيو آهي: ايراني پرڏيهي وزير
تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران جي پريهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا سان اڻ سڌي ريت ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
ايران ٽرمپ جي جوهري معاهدي جي خط بابت پنهنجو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته خط ۾ موجوده صورتحال ۽ ٽرمپ جي خط جي حوالي سان ايراني نقطه نظر واضح ڪيو ويو آهي.
ايران جي ايٽمي معاهدي بابت آمريڪا جو خط ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندڙ عمان حوالي ڪيو ويو آهي.