فلسطين تي اسرائيلي فوج جا حملا جاري، تازن حملن ۾وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد
غزا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) اسرائيلي فورسز جا غزه جي مختلف علائقن تي حملا، وڌيڪ 40 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيل راشن ورهائڻ واري مرڪز تي بمباري ڪئي ۽ هڪ اهم مارڪيٽ کي به نشانو بڻايو ويو، ٽن هفتن کان غزا ۾ هر قسم جي امدادي سرگرمي معطل ٿيل آهي.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اسرائيل غزا ۽ فلسطيني جي مختلف علائقن ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ امداد جي چرپر روڪي ڇڏي آهي.