بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روڊ حادثن ۾ 10 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا
ڪوئيٽا (نيشنل ڊيسڪ) بلوچستان ۽ پنجاب ۾ روڊ حادثن ۾ 10 مسافر فوت ٿي ويا جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
قلات ويجهو 2 مسافر بسون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون جنهن دوران 5 مسافر فوت ٿي ويا ۽ 20 مسافر زخمي ٿي پيا.
ليويز اختيارين موجب حادثي جو شڪار هڪ بس ڪوئيٽا کان ڪراچي ۽ ٻي بس ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا.
چڪوال ۾ موٽر وي ايم 2 تي مسافر بس ڪلٽي ٿيڻ سبب 5 مسافر حياتي وڃائي ويٺا، 30 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل ڪيا ويا.