وفاقي حڪومت بجلي هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بجلي هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٽيرف سبسڊي ۾ اضافي ذريعي ڪئي ويند، نيپرا اٿارٽي 4 اپريل تي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.
ڪي اليڪٽرڪ سميت سمورن ڪمپنين تي گهٽتائي لاڳو ڪرڻ جي درخواست.
لاٿ اپريل کان جون 2025 تائين لاڳو ڪرڻ جي تجويز، وفاقي حڪومت ان عرصي لاءِ هڪ رپيو 71 پئسا في يونٽ سبسڊي فراهم ڪندي.