ملڪ ۾ بوهري برادري به اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي
رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي عرب، يو اي اي، قطر، ڪويت ۽ بحرين ۾ عيد الفطر ملهائي پئي وڃي.
مسجد الحرام، مسجد نبوي ﷺ۽ مسجد اقصيٰ ۾ عيد نماز ادا ڪئي وئي.
ملڪ ۾ بوهري برادري به اڄ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهي آهي.
پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام ٿي رهيو آهي.
موسميات کاتي طرفان سڀاڻي عيد ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن.
آسٽريليا، برونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا، بنگلاديشن ۽ ڀارت ۾ به سڀاڻي عيد ملهائي ويندي.