تل ابيب ۾ هزارين ماڻهو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خلاف روڊن تي نڪري آيا
تل ابيب (انٽرنيشل ڊيسڪ) تل ابيب ۾ هزارين ماڻهو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي خلاف روڊن تي نڪري آيا.
تل ابيب ۽ ٻين شهرن ۾ هزارين شهرين، نيتن ياهو حڪومت خلاف مظاهرا ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڇتي نعري بازي ڪئي.
احتجاج ڪندرن پاران اسرائيلي وزيراعظم کان غزه جنگ بندي معاهدي جي پاسداري ۽ اسرائيلي يرغمالين جي واپسي جو مطالبو ڪيو ويو.