باهه بائيوجينڪ گئس سبب لڳي آهي، جنهن کي وسائڻ ۾ هڪ کان ڏيڍ هفتو لڳي سگهي ٿو: پڪتستان پيٽروليم لميٽڊ جو اڳوڻو ايم ڊي
ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو کوٽائي دوران گيس پائپ لائن کي لڳل باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي علائقي ڪورنگي ڪراسنگ ويجهو کوٽائي دوران گيس پائپ لائن کي لڳل، باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو.
31 ڪلاڪن کان وڌيڪ جو وقت گذرڻ باوجود باهه تي ضابطو آڻڻ جون سموريون ڪوشش ناڪام ٿي ويون.
پڪستان پيٽروليم لميٽيڊ جي اڳوڻي ايم ڊي جو چوڻ آهي ته باهه بائيوجينڪ گئس سبب لڳي آهي، جنهن کي وسائڻ ۾ هڪ کان ڏيڍ هفتو لڳي سگهي ٿو.