نيو سعيدآباد ويجهو مسافر وين جو اُٺ گاڏي کي ٽڪر ۾ هڪ ڄڻو فوت، 6 ڄڻا ڌڪي ٿي پيا
نيو سعيدآباد (ويب ڊيسڪ) نيو سعيدآباد ويجهو مسافر وين جو اُٺ گاڏي کي ٽڪر جي نتي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
ڪميجا شاخ بس اسٽاپ وٽ حيدرآباد کان سکر ويندڙ مسافر وين جو اٺ گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو.
حادثي ۾ ڪنگري جو رھواسي پيرسن دين محمد تنيو موقعي تي فوت ٿي ويو، لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو.