ڳوٺ بهرام کهڙو ۾ گهر اندر گئس سيلينڊر ڦاٽي پيو، باهه لڳڻ سبب 3 ٻارن جي ماءُ سڙي فوت ٿي وئي
گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ڀرسان گهر ۾ گئس سيلينڊر ڦاٽڻ سبب عورت سڙي فوت ٿي وئي.
ڳوٺ بهرام کهڙو ۾ گهر اندر گئس سيلينڊر ڦاٽي پيو، باهه لڳڻ سبب 3 ٻارن جي ماءُ 30 سالن جي خالده زال قدير کهڙو سڙي فوت ٿي وئي.
وارثن جو چوڻ آهي ته سحري وقت رڌ پچاءُ دوران سيلينڊر ڦاٽي پيو، جنهن سبب خالده کهڙو سڙي سخت زخمي ٿي پئي، جنهن گمبٽ اسپتال ۾ دم ڏنو.