يورپي يونين تي آمريڪي ٽيرف غلط آهن، يورپي يونين کي آمريڪي ٽيرف جو مناسب جواب ڏيڻ گهرجي: اڳواڻ
اوٽاوا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) دنيا جي مختلف ملڪن آمريڪا جي جوابي ٽيرف کي غير ضروري ۽ خطرناڪ قرار ڏيندي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني آمريڪي ٽيرف خلاف جوابي قدمن جو اعلان ڪري ڇڏيو، آسٽريليا، آمريڪي ٽيرف کي غير ضروري قرار ڏنو.
اٽلي جي وزيراعظم چيو آهي ته يورپي يونين تي آمريڪي ٽيرف غلط آهن، جڏهن ته آئرش وزيراعظم جو چوڻ آهي ته يورپي يونين کي آمريڪي ٽيرف جو مناسب جواب ڏيڻ گهرجي.
چين، آمريڪي صدر جي قدم کي عالمي معاشي ترقي لاءِ خطرو قرار ڏيندي فوري طور نئون ٽيرف واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.