فقير پاڙي ۾ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿي پيو
ٺڪراٺي (ويب ڊيسڪ) ٺڪراٺي ۾ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙي جي نتيجي ۾ عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
فقير پاڙي ۾ مھتم برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جھيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين جو هڪ ٻئي تي لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو.
علائقو جنگ جو ميدان بڻجھي ويو، لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي ورتو.