ڳاھيجا ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 35 سالن جو در محمد پٽ عيوض مارفاڻي مارجي ويو
مدئجي (ويب ڊيسڪ) مدئجي ويجھو ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل ٿي ويو.
ڳاھيجا ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ 35 سالن جو در محمد پٽ عيوض مارفاڻي مارجي ويو.
مقتول جي امڙ جو چوڻ آھي ته ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي، صبح جو پٽ فون ڪال ڪري چيو ته گولي لڳي آھي.
اسان کيس کڻڻ وياسين ته هو اسان کي نه لڌو، نه فون کڻي رهيو هو، سرزمين تي پهتاسين ته سندس لاش مليو.