امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران اضافي ٽيرف لاڳو ٿيڻ سان دنيا ۾ واپاي جنگ شروع ٿي ويندي
نيويارڪ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ ۽ سفارتڪار مليحه لوڌيءَ جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شين تي ٽئڪس ته هميشه کان لاڳو هو، آمريڪي ٽيرف سان دنيا ۾ واپاري جنگ شروع ٿي ويندي.
آمريڪي صدر پاڪستاني شين تي 29 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، جيڪو 9 اپريل کان لاڳو ٿي ويندو.
پاڪستان جي اڳوڻي سفير مليحه لوڌي چيو ته آمريڪا ۾ پاڪستاني شين تي ٽئڪس ته هميشه کان لاڳو هو، ٽيرف وڌڻ سان پاڪستاني شيون آمريڪا ۾ مهانگيون ٿي وينديون.
مليحه لوڌيءَ جو چوڻ هو ته آمريڪا ٽيرف لاڳو ڪري نه ڪري، پاڪستان کي پنهنجي ايڪسپورٽس کي بهتر ڪرڻو پوندو.
پاڪستان جي اڳوڻي سفير آمريڪا طرفان ٽيرف کي گلوبل اڪانامي جي لاءِ ناڪاري قرار ڏيندو چيو ته اضافي ٽيرف لاڳو ٿيڻ سان دنيا ۾ واپاي جنگ شروع ٿي ويندي.