سنڌ جي سياسي، سماجي، قومپرست ڌرين، شاگردن سميت هر طبقي سان تعلق رکندڙ ڌرتي ڌڻين جا مظاهرا ۽ ريليون
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي تڪراري ڪئنالن خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري، سياسي، سماجي، قومپرست ڌرين، شاگردن سميت هر طبقي سان تعلق رکندڙ ڌرتي ڌڻين جا مظاهرا ۽ ريليون.
ملير، ڀٽ شاهه، وارهه، ڪرونڊي، ميرپور بٺوري، نبي سر ۾ احتجاجي ريليون، گمبٽ ۾ ابل واهه کان درگاهه ريجھه علي شاهه تائين ريلي جون تياريون، جلسي لاءِ پنڊال به تيار.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پاڻي سنڌ جو جياپو آهي سنڌ جي زمينن کي بنجر ٿيڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن ڪئنالن جو فيصلو واپس نه ورتو ويو پنجاب جا سمورا رستا بند ڪيا ويندا.