سسٽم ۾ پاڻي ايترو آهي ئي نه جو ڪي نوان ڪئنال ٺاهيا وڃن، پاڻيءَ تي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪرار به هلندڙ آهي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ چوڌري منظور چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ننڍن هارين کي قتل ڪيو پيو وڃي.
سسٽم ۾ پاڻي ايترو آهي ئي نه جو ڪي نوان ڪئنال ٺاهيا وڃن، پاڻيءَ تي ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪرار به هلندڙ آهي.
پ پ اڳواڻ چوڌري منظور پريس ڪانفرسن ڪندي چيو ته هڪ ڪئنال ٺاهيو پيو وڃي، جنهن کي چولستان جو نالو ڏنو پيو وڃي.
چوڌري منظور حڪمرانن کان سوال ڪيو ته حڪمران چون ٿا ته اهو ٻوڏ دوران ڀرجندو، ٻوڏ ڪيترن ڏينهن لاءِ ايندي آهي؟
سندس چوڻ آهي ته وزيراعليٰ پنجاب ٻڌائي ته ڪهڙو ڪئنال بند ڪري نئين ڪئنال کي پاڻي ڏنو ويندو؟
توهان شيخوپورا يا سيالڪوٽ جو پاڻي بند ڪندا؟ توهان ايترا باڪمال آهيو جو ريورس انجنيئرنگ ڪريون پيا، پيپلز پارٽي تڪراري ڪئنال اڏڻ نه ڏيندي.