ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير سنڌ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان شروع ٿيل نوابشاهه کان ڀٽ شاهه روڊ جي منصوبي جو دورو ڪيو
نوابشاهه (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير علي حسن زرداري نواب شاهه –ڀٽ شاهه روڊ جو دورو ڪري ترقياتي ڪم جو معائنو ڪيو آهي.
ورڪس اينڊ سروسز ۽ جيل کاتي جي صوبائي وزير علي حسن زرداري سنڌ سرڪار ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان شروع ٿيل نوابشاهه کان ڀٽ شاهه روڊ جي منصوبي جو دورو ڪيو.
صوبائي وزير 43 ڪلوميٽر روڊ ٺهڻ واري ڪم جو معائنو ڪيو ۽ روڊ ۾ استعمال ٿيل مٽيريل چيڪ ڪيو.
ان موقعي تي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير کي روڊ جي ترقياتي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي.
صوبائي وزير علي حسن زرداري ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي عملدارن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي ته سمورين ترقياتي اسڪيمن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي ۽ کيس رپورٽ ڏني وڃي.