تازہ ترین

حڪومت پاران گھريلو صارفن لاءِ 7 رپيا 41 پئسا في يونٽ بجلي سستي ڪرڻ جو اعلان

وزيراعظم پاران اعلان موجب گھريلو صارفن لاءِ بجليءَ جو في يونٽ 7 رپيا 41 ۽ صنعتن جي لاءِ 7 رپيا 59پئسا في يونٽ سستي

اسلام آباد (نيشنل ديسڪ) وزيراعظم پاران بجلي اگهن ۾ 7 رپيا 41 پئسا في يونٽ گهٽائي جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته صنعتن لاءِ بجلي 7 رپيا 59 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

وزيراعظم پاران اعلان موجب گھريلو صارفن جي لاءِ بجليءَ جو في يونٽ 7 رپيا 41 ۽ صنعتن جي لاءِ 7 رپيا 59پئسا في يونٽ سستي ڪئي وئي.

بجليءَ جي اگھن ۾ گھٽتائيءَ واري حڪومتي پيڪيج بابت اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي سياست رياست لاءِ قربان ڪئي.

حڪومت سنڀالي ته گهڻن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، حڪومت سنڀالي ته پاڪستان مٿان ڏيوالپڻي جِي تلوار لٽڪي رهي هئي.

وزراعظم چيو ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي خوشخبري ٻڌائڻ آيو آهيان، منشور ۾ جيڪو واعدو ڪيو هو، اهو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان.

ملڪ ۾ مهانگائي سنگل ڊجٽ تي اچي چڪي آهي، مهانگائي 38 سيڪڙو مان ڏيڍ سيڪڙو تي اچي چڪي آهي، وفاقي ڪابينا آسان ڪاروبار ايڪٽ جي منظوري ڏني آهي.

شهباز شريف چيو ته تيزي سان منزل طرف وڌي رهيا آهيون، معاشي استحڪام جي سفر ۾ آرمي چيف ڀرپور سهڪار ڪيو، پوري خطي ۾ پيٽرول جي قيمت سڀني کان گهٽ آهي.

وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ 12 سيڪڙو تي اچي چڪو آهي، پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو.

هن چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ سرجري ڪرڻي پوندي، معيشت ۾ بنيادي استحڪام اچي چڪو آهي، هڪ سال ۾ پيٽرول جي قيمت 38 رپيا في ليٽر گهٽ ڪئي.

شهباز شريف چيو ته بجلي جي قيمت گهٽائڻ تائين ملڪي معيشت ترقي نه ڪندي، بجلي جي قيمت ۾ ترقي ۽ خوشحالي ۾ وڏي رڪاوٽ آهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com