قومي شاھراهه تي سيوهڻ کان سکر ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ جي ڪري ڪلٽي ٿي پئي
ڀريا سٽي (ويب ڊيسڪ) ڀريا سٽي ڀرسان مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب 8 عورتن سميت 17 مسافر زخمي ٿي پيا، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو.
قومي شاھراهه تي سيوهڻ کان سکر ويندڙ تيز رفتار مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ جي ڪري ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ عورتن سيت 17 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ 5 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.