چمبڙ ويجهو نصير ڪئنال مان پيرسن جو لاش هٿ، ٽنڊي الهيار جي ماجد ڪالوني واسي ابراهيم شاهه طور سڃاڻپ
حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ھوسڙي ٿاڻي جي حد بيھڻ موري پوليس چوڪي ڀرسان نيو ڦليلي واهه مان لاش هٿ آيو.
نيو ڦليلي واهه ۾ اڻڃاتل شخص جو لاش ڏسي ڳوٺاڻن ريسڪيو ٽيم کي اطلاع ڪيو، لاش سردخاني منتقل، فوتي جي سڃاڻپ نه ٿي سگھي.
ٻئي طرف چمبڙ ويجهو نصير ڪئنال مان پيرسن جو لاش هٿ آيو، فوتي جي ٽنڊي الهيار جي ماجد ڪالوني واسي ابراهيم شاهه طور سڃاڻپ.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيرسن، پير ترڪڻ سبب نصير ڪئنال ۾ ٻڏي ويو هو، جنهن جو لاش هٿ آيو آهي.