نيوزيلينڊ ون ڊي سيريز جي آخري ۽ ٽين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪيو
مائونٽ مونگانوئي (اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ون ڊي سيريز جي آخري ۽ ٽين ون ڊي ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مقرر 42 اوورز ۾ 265 رنسن جو هدف ڏنو.
نيوزيلينڊ پاڪستان کي ٽئين ون ڊي 43 رنسن تان شڪست ڏئي ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم طرفان بابر اعظم 50، عبدالله شفيق 33 ۽ ڪپتان محمد رضوان 37 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.