سنڌ ۾ زراعت سميت پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، زمينون بنجر ٿين پيو، وزيراعظم تڪراري ڪئنال جي منظوري کان انڪار ڪري
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جو پنجاب جي صوبائي وزير عظميٰ بخاري جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪئنالن جي معاملي تي ڪا به سياست نه ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته سنڌ جي عوام ۽ پ پ جو هڪ ئي موقف آهي ته تڪراري ڪئنال منظور ناهن، سنڌ جو عوام تڪراري ڪئنال تي احتجاج ڪري پيو، ڇا اها سياست آهي؟
ڄام خان شورو چيو ته عظميٰ بخاري کي پاڻي مسئلي جي خبر ئي ناهي، ن ليگ کي تڪراري منصوبي جي تشريح بدران ان کي ختم ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته سنڌ ۾ زراعت سميت پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، زمينون بنجر ٿين پيو، وزيراعظم شهباز شريف تڪراري ڪئنال جي منظوري کان انڪار ڪري.