معاشي استحڪام کي هاڻ جٽادار ترقي ۾ تبديل ڪرڻو آهي، مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ۽رپئي جي ملهه ۾ استحڪام آيو آهي
اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي، ملڪ درست دڳ تي هلي پيو، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي.
هن چيو ته معاشي استحڪام کي هاڻ جٽادار ترقي ۾ تبديل ڪرڻو آهي، مٽا سٽا جي ذخيرن ۾ واڌ ۽رپئي جي ملهه ۾ استحڪام آيو آهي.
وزيراعظم چئي چڪو آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام تڏهن هوندو، جڏهن اسان سخت فيصلا ڪنداسين
محمد اورنگزيب چيو ته وياج جي شرح ۾ گهٽتائي سان مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اسان جي ذميواري آهي ته مهانگائي ۾لاٿ جو فائدو عوام تائين پهچي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي.