تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري جي طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي: ڊاڪٽر عاصم حسين

صدر مملڪت جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون: ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته صدر مملڪت آصف علي زرداري جي طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي.

صدر جي صحت بابت ڊاڪٽر عاصم حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عيد نماز کان اڳ صدر آصف علي زرداري جي طبعيت خراب ٿي هئي.

ڊاڪٽر عاصم چيو ته عيد نماز بعد مون کي صدر فون ڪري ٻڌايو ته طبيعت خراب ٿي وئي، مان ترت ڪراچيءَ مان نوابشاهه پهتس.

هن چيو ته صدر آصف علي زرداري کي علاج لاءِ ترت نوابشاهه کان ڪراچي منتقل ڪيو ويو، سومر ڏهاڙي ئي صدر آصف علي زرداري جو علاج شروع ڪيو ويو.

صدر جي ضروري ٽيسٽن کان پوءِ صدر آصف زرداري کي ڪورونا ظاهر ٿي، صدر جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي غلط خبرون هلايون ويون.

ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته صدر آصف زرداري کي هڪ ٻن ڏينهن ۾ اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو، ملڪ ۾ ڪورونا اڃا به موجود آهي پر ايترو خطرناڪ ناهي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com