ڳوٺ واحد بخش چانڊيو ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو، فائرنگ ۾ ممتاز عرف ڀٽو نورياڻي چانڊيو مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا
قمبر (ويب ڊيسڪ) قمبر ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ھڪ ڄڻو قتل جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ واحد بخش چانڊيو ۾ فصل جي ڀيل تان جهيڙو ٿيو، فائرنگ ۾ ممتاز عرف ڀٽو نورياڻي چانڊيو مارجي ويو، 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڌرين جي وچ ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي، مقتول جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.