هٿياربندن پٽ کي موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو: مقتول جو والد
لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شاداد خان بروهي جي رهواسين جو مبينا ڦر مزاحمت تي قتل ڪيل نوجوان جو ايس ايس پي چوڪ تي لاش رکي ڌرڻو.
مقتول عامر بروهي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پٽ کي موٽرسائيڪل ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو پر پوليس نه پهتي، مجبور ٿي لاش کڻائي ايس ايس پي چوڪ تي رکي احتجاج ڪري رهيا آهن.