ڏهرڪي، جوهي، دڙو ۽ نوشهروفيروز ۾ مختلف سياسي ماجي تنظيمن پاران احتجاج ڪري ڌرڻا هنيا ويا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري، ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا.
ڏهرڪي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، عوامي ڌرڻي جي ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، سنڌ – پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون.
مظاهرين پاران سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي قبضا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا.
دڙو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن پاران ڊڀو موري اسٽاپ کان 5 ڪلو ميٽر پيادل مارچ.
جوهي ۽ نوشهروفيروز ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جا مظاهرا، ڪنڊيارو ۾ سنڌو تي ڪئنال اڏڻ خلاف تعلقي بار جي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاجي مظاهرو.
اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ تي ڪئنال اڏي سنڌ جون زمين بنجر بڻائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر سنڌ واسي ڪئنالن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.